سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ (اردو)

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ (اردو)

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ (ڪتاب): هي ڪتاب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ’سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ‘ بابت تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن جا هن وقت تائين چار ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. پهريون ڇاپو 1962ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ 500 ق. م کان 1520ع، سمن جي دور تائين تاريخ شامل آهي. ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن 1980ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ 500 ق. م کان 1690ع، ارغون، ترخان، مغليه دور تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ شامل ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن 1990ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 500 ق. م کان 1860ع ٽالپرن جي دور تائين جو تذڪرو شامل آهي. ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، 1999ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ 500 ق. م کان ٽالپر دور جي خاتمي کانپوءِ تائين واري تاريخ شامل آهي. ڪتاب جا پهريان ٻه ڇاپا سنڌ يونيورسٽي پريس شايع ڪيا.
ڪتاب جو ٽيون ۽ چوٿون ڇاپو، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ڇپائي پڌرو ڪيو. چوٿون ڇاپو 1999ع ۾ ڇپيو، جيڪو 478 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي سادي جلد جي قيمت 200 روپيا ۽ پڪي جلد جي قيمت 225 روپيا آهي. هن ساڳئي ڪتاب جو اردو ترجمو، شذره سڪندريءَ ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري پاران، 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو